پاڪستان پيپلز پارٽي شيرپائو

پاڪستان پيپلز پارٽي (شيرپائو ):هيءَ پيپلز پارٽيءَ کان الڳ ٿيل هڪ ڌڙو آهي, پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اهم اڳواڻ ۽ نامياري سياستدان آفتاب احمد شيرپائوءَ ، پارٽيءَ سان تنظيمي اختلاف رکندي علحدگي اختيار ڪئي ۽ 2002ع ڌاري هڪ الڳ پارٽيءَ جو بنياد وڌو، جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي (شير پائو گروپ) سڏي وئي. هن پارٽيءَ جو بنيادي نظريو ساڳيو پيپلز پارٽيءَ وارو اسلامي سوشلزم ۽ سماجي جمهوريت تي ٻڌل آهي. 2002ع وارين چونڊن ۾ هن پارٽيءَ پختونخواه صوبي مان قومي اسيمبليءَ جون ٻه سيٽون کٽيون هيون ۽ 2008ع وارين عام چونڊن ۾ هن پارٽيءَ قومي اسيمبليءَ جي صرف هڪ سيٽ کٽي ۽ خيبر پختونخوا جي صوبائي اسيمبليءَ جون 6 سيٽون کٽيون آهن. (وڌيڪ ڏسو: آفتاب احمد شيرپائو- جلد پهريون).


هن صفحي کي شيئر ڪريو